اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن کي هدايت ڪئي آهي ته جون 2024ع تي ختم ٿيل مالي سال 24 -2023ع لاءِ پنهنجي اڪائونٽ?? جا جامع گوشوارا اليڪشن ڪميشن ۾ 29 آگسٽ 2024ع کان پهرين جمع ڪرائين. ڪالهه جاري ڪيل پريس رليز موجب ڪميشن هدايت ڪئي ته انهن گوشوارن سا?? گڏ سالياني آمدني ۽ خرچ، فنڊنگ جا ذريعا، اثاثا ۽ رهتن جا تفصيل پڻ پيش ڪيا وڃن جڏهن ته پارٽي سربراهه طرفان مجاز عهديدار جي صحيحن سان تصديق نامو به فراه?? ڪيو وڃي ته پارٽي کي منع ٿيل ذريعن مان ڪا فنڊنگ ناهي ٿي.