اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان يورپي يونين جي آزادي مذهب ۽ عقيدا بابت خصوصي ايلچي فرانس وين ڊي?? وفد سان گڏ مل??قات ڪئي، مل??قات ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، فرقيواريت جي خاتمي، امن قائم ڪرڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين يورپي يونين جي خصوصي ايلچي کي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. مل??قات ۾ ٻنهي ڌرين عدم برداشت جي رجحان ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پرامن گڏيل مستقبل کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحف?? لاءِ پرعزم آهي، بين المذاهب هم آهنگي پاليسي جوڙي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا ڏانهن موڪلي آهي، مذهبي رواداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن م??هبن ۽ مسلڪن کان 700 کان وڌيڪ عالم پيغام پاڪستان تي صحيحون ڪيون، مذهب جي آڙ ۾ ڪنهن ک?? قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي، مل??قات ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ يورپي يونين ملڪن وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، وفد ۾ يورپي يونين جي پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونا به شامل هئي.