اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته بجلي چوري جي روڪٿام ۽ رهتن جي عدم ادائگي وارن عل??ئقن جي نشاندهي لاءِ سمارٽ ميٽرن کي ٽرانسفارمرن تي من??قلي جي حوالي سان 6 ارب ڊالرن جي من??وبي لاءِ ورلڊ بئنڪ قرض جي فراهمي تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، جن عل??ئقن ۾ بجلي چوري جي شرح 20 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي اتي وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي، ملڪ ۾ بجلي جي پي??او??ر وڌيڪ جڏهن ته ان جي کپت گهٽ آهي، آءِ پي پيز کي ڪيپسٽي پيمينٽ جي حوالي سان مسئلي جي حل لاءِ اڳڀرائي جاري آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران شهلا رضا جي سوال جي جواب ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته آ??ي وسيلن واري وزير، ڪيپسٽي ادائگين لاءِ اهم اجلاس طلب ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ونڊ انرجي جي صلاحيت هڪ لک 32 هزار مي??او??ٽ آهي، نجي شعبي جي سهڪار سان ونڊ انرجي جا 1845 مي??او??ٽ سگهه رکندڙ 36 من??وبا آهن، اسان جي سگهه جي ڀيٽ ۾ بجلي جي طلب گهٽ آهي، ان شعبي ۾ وڌيڪ ڪم نجي شعبي جي سهڪار سان ٿي رهيو آهي. نوابزاده افتخار جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته شاه جمال مظفر ڳڙهه ۾ گرڊ اسٽيشن جي ديوار تائين ڪم ٿي چڪو آهي. ورلڊ بئنڪ جي قرض سان اهو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو. مهرين رزاق ڀٽو جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته 200 يونٽ تائين پروٽيڪٽيڊ صارفين کان 14 روپيا في يونٽ چارج ڪيا ويندا آهن، ڪل صارفين مان هڪ ڪروڙ 70 لک صارفين ماهوار 200 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪن ٿا. ڊالر جي قدر ۾ اضافي سان اهو ممڪن ناهي ته سمورن صارفين کي پهرين 200 يونٽن تي 14 روپيا في يونٽ جي حساب سان ئي چارج ڪيو وڃي ۽ صرف ان کان وڌيڪ استعمال تي في يونٽ چارجز ۾ اضافو ٿئي. اورنگزيب جي سوال جي جواب ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته آ??ِ پي پيز کي ڪيپسٽي پيمينٽ جي حوالي سان سٺي اڳڀرائي ٿي آهي، ايس سي او هن ڀيري پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي جنهن ۾ چين جو وزيراعظم به شرڪت ڪندو. ان ۾ بهتري جي اميد آهي. آصفه ڀٽو جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته لوڊ شيڊنگ جو معاملو رڪوري، رهتن، ڊسڪوز جي صورتحال سبب آهي، جن عل??ئقن ۾ بجلي چوري جي شرح 20 سيڪڙو تائين آهي اتي لوڊ شيڊنگ ناهي، جن عل??ئقن ۾ 30 سيڪڙو تائين لاسز آهي اتي 2 ڪلاڪ، 40 کان 60 سيڪڙو تائين جي لاسز وارن عل??ئقن ۾ پنجن کان ڇهه ڪلاڪ ۽ 80 کان 100 سيڪڙو لائن لاسز وارن عل??ئقن ۾ 12 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ٿيندي آهي، بجلي سر پلس آهي جڏهن ته ان جي لاڳت وڌيڪ آهي، ان ۾ توازن سان ئي بهتري ٿيندي آهي. لوڊ شيڊنگ بجلي جي کپت ۾ گهٽتائي، چوري ۽ بجلي بلن جي عدم ادائگي سبب ٿيندي آهي، سمارٽ ميٽرنگ لاءِ ورلڊ بئنڪ 70 سيڪڙو قرض ڏيندي، جتي وڌيڪ مسئلا آهن اتي سمارٽ ميٽرن سان بجلي چوري جي نشاندهي ٽرانسفارمر مان ٿي سگهندي. ان هڪ ميٽر جي قيمت 200 ڊالرن تائين هوندي، ان جي فزيبلٽي ۽ من??وبا بندي تي ڪم جاري آهي. عمر ايوب جي سوال جي جواب ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته بجلي وارو وزير پري شيڊولڊ اجلاس ۾ آهي. هن چيو ته سمارٽ ميٽرن کي ٽرانسفارمرن سان ڳنڍڻ جو ڪم ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ پنج سال ۽ لاڳت 16 ارب ڊالر آهي، جيڪڏهن ڪنڍا سسٽم ان سان به مڪمل طور تي ڪنٽرول ن?? ٿي سگهيو ته بجلي چوري وارن ٽرانسفارمرن جي نشاندهي ٿي سگهندي. جن عل??ئقن ۾ بجلي جي چوري وڌيڪ آهي. انهن تي فوڪس ڪيو ويندو ۽ ان سان انهن عل??ئقن جي نشاندهي ٿيندي، ورلڊ بئنڪ ان لاءِ قرض فراهم ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آهي.