اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته ڊينمارڪ حڪومت طرفان معدنيات جي شعبي م سهڪار ۽ ٻه طرفي ڪاروباري سرگرمين سان ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊينمارڪ جي سفير جيڪب لينولف جي سربراهي ۾ ميڪو ڪيٽو گروپ جي سي اي او فل سمڊٿ سان گذريل ڏينهن ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ وفاقي وزير عبدالعيلم خان، مصدق ملڪ ۽ محمد او??نگزيب به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي واپار واري وزير چيو ته ڊينمارڪ ??اڪ??تان جو انتهائي اهم ڪاروباري شراڪتدار آهي ۽ اسان ان شراڪتداري کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا. ملاقات ۾ ڊينمارڪ جي سفير چيو ته ڊينمارڪ گذريل 30 سالن کان ??اڪ??تان ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبن ۾ سرگرم آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري لاڳاپا قائم آهن. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن چيو ته ??اڪ??تان ۾ معدني وسيلن جا وڏا ذخيرا موجود آهن، جن ۾ وڏي سيڙپڪاري ٿي سگهي ٿي. پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته ??اڪ??تان معدنيات جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو. ??اڪ??تان مستقبل ۾ ڊينمارڪ سان ڪاروبار کي هٿي وٺائڻ ۽ وڌيڪ سهڪار جو منتظر آهي. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته ڊينمارڪ سان سيڙپڪاري حوصلو ڏيندڙ آهي، ه??ڪاري نتيجا سامهون ايندا، حڪومت نجي شعبي جي سهڪار سان ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي. وفاقي وزير محمد او??نگزيب پنهنجي کاتي طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته واپار کي درپيش سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.