اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ناڻي وا?? جي شرح گذريل ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو 9.5 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي آهي، اهو رڳ?? اتفاق نه آهي، ڪوششن جو ثمر آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري موجب آگسٽ 2024ع ۾ ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو ناڻي وا?? جي شرح هڪ انگ تي اچي وئي آهي. هن چيو ته اسان جو ڌيان عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪرڻ تي آهي، اسان جو ڪم اڃا ختم ناهي ٿيو، اڃا وڌيڪ تمام گهڻو ??جه?? ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان حقيقي خوشحالي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.