اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري جي شه?? جنين ۽ طلڪرم ۾ پناهگيرن جي ڪئمپن تي اسرائيلي قابض فوج جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ انس??ني جانين جو زيان ۽ شه??ي انفراسٽرڪچر جي وڏي پئم??ني تي تباهي ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسرائيلي قابض فوج پاران فوجي طاقت جو انڌاڌنڌ استعمال عالمي انس??ني قانونن ۽ بنيادي اصولن جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته پناهگيرن جي ڪئمپن ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ اسرائيلي قابض فوج پاران عالمي انس??ني قانون جي هڪ ٻي خلاف ورزي آهي، اهو عالمي قانون ۽ شائستگي جي بنيادي اصولن ۽ قابل قبول عالمي رويي جي توهين کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان انهن حملن کي فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪري ٿو جيڪي اولهندي ڪناري ۾ ??يا پيا وڃن. ترجمان چيو ته جارحيت جي ذريعي پائيدار امن جو رستو حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيلي قابض فوج کي شه??ين جي خلاف وڌيڪ حملن کان روڪڻ، اسرائيل کي ??ن جي جنگي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيڻ ۽ فلسطيني عوام جي تحفظ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.