اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ هم نيوز جي سينيئر اينڪرپرسن عاصمه شيرازي جي گهر ويو ۽ سندس ڀاءُ مح??ن شيرازي جي لاڏاڻي تي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خ??اني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير سان گڏ وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ، سيڪريٽري اطلاعات عنبرين جان، جوائنٽ سيڪريٽري اطلاعات ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر پڻ موجود هئا. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ عاصمه شيرازي جي ڀاءُ مح??ن شيرازي جي لاڏاڻي کي گهرڀاتين جي لاءِ ناقابل ت??افي نقصان قرار ڏيندي چيو ته ڀيڻ ڀاءُ قدرت جا ان??ول رشتا آهن، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.