اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اڄ اسان پاڪست??ن جي فارن سروس جي هڪ ايماندار آفيسر کي الوداع ڪريون ٿا، عهدو ڇڏيندڙ پرڏيه?? سيڪريٽري محمد سائر?? سجاد قاضي گذريل 34 س??لن ۾ پاڪست??ن جي وڏي امتيازي خدمت ڪئي آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ پرڏيه?? سيڪريٽري جي اعزاز ۾ الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪست??ن جي لاءِ سندس نمايان خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ هو پاڪست??ن جي پرڏيهي پاليسي جو محور رهيو ۽ هن عالمي سفارتڪاري جي پيچيدگين کي عزم ۽ ديانتداري سان نڀايو. نائب وزيراعظم چيو ته بطور پرڏيه?? سيڪريٽري ۽ ان کان اڳ ترڪيءَ ۽ هنگري ۾ پاڪست??ن جي سفير طور هن پاڪست??ن جي پرڏيهي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي. هن سڄي دنيا ۾ پاڪست??ن جي سفارتي مصروفيت?? جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اعليٰ سطحي ملاقاتن دوران هو پاڪست??ن جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۽ قومي مفاد جي گهري ادراڪ سان واڳيل پنهنجي گهري بصيرت سان نمايان رهيو. نائب وزيراعظم چيو ته اسان گذريل ڪيترن ئي مهينن کان گڏجي ڪم ڪيو، مون کيس هڪ ذهين ۽ پاڪست??ن جي خدمت جي لاءِ مضبوط عزم سان هڪ شاندار شخص ڏٺو، سندس سڀ کان ساراهه جوڳي خصوصيتن ۾ هڪ جيڪا نمايان آهي اها سندس اڻٿڪ ايمانداري آهي. هن عهدو ڇڏيندڙ پرڏيه?? سيڪريٽري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان توهان کي ياد ڪنداسين ۽ توه??ن جي تعاو?? جي سدائين تعريف ۽ قدر ڪئي ويندي.