اسلام آباد ??? 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پال??سي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پال??سي ريٽ ۾ گهٽتائي ملڪي معيشت جي لاءِ خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي ??وج?? وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پال??سي ريٽ ۾ گهٽتائي سان پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ناڻي واڌ جي شرح ۾ تيزي سان ٿيندڙ گهٽتائي جي ڪري وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ مهينن ۾ ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته معيشت جي بحالي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.