اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) روسي فيڊريشن جو نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ 18 ۽ 19 سيپٽمبر تي هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائ?? موجب پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري ج?? موقعي تي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ صدر آصف عل?? زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقاتون ڪندو.