اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم انسانيت جا محسن آهن، اسوة حسنه صلي الله عليه وآله وسلم سڀني لاءِ مڪمل ??ابطه ح??ات آهي. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان محبت اسان جي عبادتن جي روح ۽ زندگيءَ جو حقيقي تعارف آهي. 12 ربيع الاول جي موقعي تي وفاقي وزر قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سموري مسلم اُمت کي خدا ج?? محبوب جي ولادت واري ڏهاڙي تي دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿو، اڄ جو ڏين??ن حقيقي خوشيءَ جو ڏينهن آهي، خدا ج?? محبوب جو اچڻ هر مسلمان لاءِ عزت ۽ مسرت آهي. حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم انسانيت جا محسن آهن، سندن اسوة حسنه سڀني لاءِ مڪمل ??ابطه ح??ات آهي. عبدالعليم خان چيو ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سبب ئي ڪائنات جي تخليق آهي، جيڪو ٻنهي جهانن لاءِ رحمت بڻجي آيا. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم خاتم النبيين آهن، انهن سان محبت اسان جي ايمان جو بنياد آهي، اسان جي پياري نبي صلي الله عليه وآله وسلم 1400 سال اڳ اهڙو ضابطه ح??ات پيش ڪيو جنهن جو ڪو متبادل نٿو ٿي سگهي. اسان سڀني کي 12 ربيع الاول جي گڏيل اتحاد، محبت ۽ اطاعت رسول جو عهد ڪرڻ گهرجي.