ڪراچي – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شهيدن جي قر??انين کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ بي مثال قر??انين جي لاءِ احسانمند رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪراچي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ شهي?? جي گهر ويو ۽ شهي?? جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ان موقعي تي شهي?? جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ مستونگ، بلوچستان حملي ۾ شهيد ٿ??و هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيد ذاڪر بلوچ قومي ذميواري سرانجام ڏيندي شهادت ماڻي، پوري قوم شهيدن جي قر??انين کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پوري قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ بي مثال قر??انين جي لاءِ احسانمند رهندي. صدر شهي?? جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو ۽ وارثن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.