اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين س??براهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي ڀليڪار چوڻ جي ل??ءِ گيت رليز ڪري ڇڏيو. گِيت ۾ پاڪستان جي رن??ارنگ ثقافتي ورثي ۽ مهمان نوازي جي روايت جي هڪ جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي. ان گيت جي عڪسبندي ۾ پاڪستان جي خوبصورت جاين، تاريخي ۽ اهم عمارتن ۽ گهڻ رُخي ثقافت ??ي وڏي خوبصورتي سان پيش ڪيو ويو آهي. ان کانسو??ءِ پاڪستان جي ترقي جي ل??ءِ پاڪستان جي عوام جي محنت، لگن ۽ جذبي کي پڻ تمام خوبصورتي سان اجاگر ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي ناليواري گلوڪار عمير جسوال جي آواز ۾ نغمو ”خوش آمديد“ جي ٻول ۾ پاڪستان جي ماڻهن جي مهمان نوازي ۽ ايس سي او ملڪي سربراهن کي ڀليڪار چوڻ جو جذبو سمايل آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهو گيت مهمانن کي پاڪستان جي ثقافت ??ان روشناس ڪرائيندو ۽ ان جي دلين ۾ پاڪستان جي ل??ءِ محبت پيدا ڪندو.