رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز ??ري?? ضلعي پنجگور جي علائقي پروم ۾ ڊيم تي ڪم ڪندڙ اهلڪارن تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيڻ ۽ زخمي ٿيندڙ ٻن ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز ??ري?? ضلعي پنجگور جي علائقي پروم ۾ ڊيم تي ڪم ڪندڙ اهلڪارن تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن حملي ۾ زخمي ٿيندڙ ٻن ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م حملي ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيڻ جي به هدايت ڪئي آهي. وزي??اع??م چيو ته ڊيم تي ڪم ڪندڙ اهلڪارن تي حملو ڪندڙ پاڪستان ۽ بلوچستان جي ترقي جا دشمن آهن، اهڙن شرپسند عنصرن جي پاڪستان ۾ ڪ?? به جڳهه نه آهي. هن چيو ته شرپسند عنصر پنهنجي ڪڌي ڪاررواين سان بلوچستان جي ترقي جي حڪومتي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزي??اع??م حملي ۾ مارجي ويل 5 ڄڻن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.