اسلام آباد – 25 – ن??مب?? (اي پي پي) بيلا??وس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف پي اي ايف نور خان ايئربيس تي بيلا??وس جي صدر جو استقبال ڪيو. نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيه?? وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاق?? وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سينيئر سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزي??اع??م محمد شهباز شريف بيلا??وس جي صدر جو ڪابينا ميمبرن سان تعارف ڪرايو جڏهن ته روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستو پيش ڪيو. بيلا??وس جو صدر وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي دعوت تي 25 کان 27 ن??مب?? 2024ع ت??ئي?? پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. بيلا??وس جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران صدر لوڪاشينڪو ۽ وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان دوران بيلا??وس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. بيلا??وس جي پرڏيه?? وزير جي قيادت ۾ 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد گذريل ڏينهن پهتو هو. وفد ۾ بيلا??وس جي ڪابينا جي اهم وزيرن سميت ناليواريون ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪار شامل آهن. بيلا??وس جي صدر جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو.