اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) نا??ي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان جي لڳاتار معاونت کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت مالي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ، جٽادار ترقي ۽ وسيلن جي اثرائتي استعمال ۾ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن جي اڳواڻيءَ ۾ عالمي بئنڪ جي ٽيم س??ن ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ??ن موقعي تي نا??ي وارو سيڪريٽري ۽ فنانس ڊويزن جا سينيئر آفيسر به موجود هئا. نا??ي واري وزير پاڪستان ۾ معاشي سڌارن ۽ ترقياتي ايجنڊا جي حمايت لاءِ عالمي بئنڪ جي سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن مختلف شعبن ۾ عالمي بئنڪ جي مالي ۽ فني معاونت کي ساراهيندي حڪومت طرف??ن مالي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ، جٽادار ترقي ۽ وسيلن جي اثرائتي استعمال جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو. ڳالهين ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ واڌ، ٽيڪس جي تعميل ۾ بهتري ۽ منصفاڻي ٽيڪس نظام جي حوالي س??ن مضبوط، فعال ۽ شفاف ٽيڪس پاليسي فريم ورڪ جي قيام جي ڌ??ان ڏنو ويو. عالمي بئنڪ جي ٽيم بجيٽ سازيءَ جي عمل کي بهتر بنائڻ لاءِ فني معاونت جي آڇ ڪئي جنهن ۾ جديد طريقا اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو ويو ته جيئن عوامي مالياتي انتظام ۾ شفافيت ۽ احتساب کي هٿي ڏئي سگهجي. ڳالهين ۾ قرضن جي اثرائتي انتظام۽ بندوبست جي انتظامي نظام جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن مالي پائيداريءَ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي. اجلاس ۾ زرعي آمدني جي ٽيڪس نظام، جي ايس ٽي جي حوالي سان صوبن سان هم آهنگي ۽ قومي ٽيڪس ڪائونسل جي فعال ڪردار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر حڪومت طرف??ن مختلف شعبن ۾ سڌارن جي حوالي سان قدمن جي تعريف ڪئي ۽ اجلاس ۾ بحث هيٺ اهم شعبن ۾ عالمي بئنڪ جي لڳاتار حمايت جي خاطري ڪرائي. هن اقتصادي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۽ پاڪستان جي ترقياتي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ عالمي بئنڪ جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو. نا??ي واري وزير عالمي بئنڪ جي حمايت تي ٿورو ادا ڪيو، جٽادار اقتصادي ترقيءَ لاءِ سڌارن تي عملدرآمد جي حڪومتي ع??م جو ورجاءُ ڪيو.