اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر سردار اياز صادق روسي هم منصب جي خاص دعوت تي پا??لي??ماني وفد سان گڏ ٽن ڏينهن جي دؤري تي روس روانو ٿي ويو. قومي اسيمبلي سي??ريٽريٽ موجب پا??لي??ماني وفد ۾ قومي اسيمبلي جو ??يمبر عبدالقادر پٽيل، ??يد آغا رفيع الله، ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، راڻا محمد حيات خان ۽ شير علي ارباب شامل آهن. دؤري جو ??قصد پاڪ- روس ناتن کي مضبوط بنائڻ لاءِ پا??لي??ماني رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي. اسپيڪر پنهنجي دؤري دوران روسي هم منصب، نائب پرڏيهي وزير، پرڏيهي وزير سميت ٻين اهم شخصيتن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن ۾ ٻنهي ملڪن جي پا??لي??مينٽ وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ بابت يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. ملاقاتن ۾ پاڪ- روس ٻه طرفن ناتن، واپار ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به غور ڪيو ويندو. ملاقاتن ۾ پا??لي??ماني سطح تي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. اسپيڪر جي سربراهي ۾ پا??لي??ماني وفد جو دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وفد جي دؤري سان پاڪ- روس ناتن ۾ گڏيل اعتماد ۽ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ هٿي ملندي. پاڪستاني وفد روس ۾ قيام دوران مختلف تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن جو به دؤرو ڪندو. پا??لي??ماني وفد جي دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پاڪ- روس ناتا علائقائي ۽ عالمي سطح تي انتهائي اهميت جي حامل سمجهيا وڃن ٿا.