اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي معاملن تي اسلام آباد ۾ نتيجاخيز مشاورت ٿي. ان مشاورت جي گڏيل صدارت فرانسيسي پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل قومن جي معاملن واري ڊائريڪٽر لي فريپر ڊوهيلن ۽ اي??يشنل پرڏيهي س??ڪريٽري (گڏيل قومون ۽ او آءِ سي) سفير سيد حيدر شاهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفي تعاون، ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ۽ فرانس گهڻ رخي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ٻئي سا?? تعميري طور تي راب??ي ۾ رهندا.