اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پ?? پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ بي م??ال خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته هوءَ نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جمهوريت جي علمبردار طور سُڃاتي ويندي هئي. هن شهيد محترمه جي سياسي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته هن اسلامي دنيا جي پ??رين عورت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر بڻجڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو، جنهن سان ملڪ جي عورتن کي سياست ۾ اچڻ ۽ پنهنجو هاڪاري ڪرداري ادا ڪرڻ جو حوصلو مليو. هن اهڙو اظهار شهيد محترمه جي 17هين ورسيءَ جي موقعي تي ڪيو، جيڪو هر سال 27 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي آهي. اسپيڪر چيو ته محمد ??واز شريف ۽ شهيد محترمه جي ڪوششن سبب ميثاقِ جمهوريت ممڪن ٿي ??يڪا ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين جو وڏو ڪارنامو آهي. هن چيو ته ميثاقِ جمهوريت عيوض 18هين ۽ 26هين ترميمن ذريعي 1973ع جي آئين کي پ??هنجي اصل روح ۾ بحال ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستاني قوم صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ٿورائتي آهي جنهن شهيد محترمه ڀٽو ۽ محمد ??واز شريف وچ ۾ ڪيل ميثاقِ جمهوريت جي عهد کي نڀايو. هن موجوده دؤر ۾ قومي مفاهمت کي هٿي ڏيڻ ۽ قومي مفادن کي ذاتي مفادن تي ترجيح ڏيڻ لاءِ محترمه جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.