اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪيو، ابوظهبي ۾ هن گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي ۽ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو جيڪو 27 جولاءِ تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خط?? ۾ ٿيندڙ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن واپار، سيڙپڪا??ي، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر سميت ٻطرفي گهڻ رخي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن گڏيل طور تي مفيد اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مستقل ۽ اڻٿڪ حمايت تي گڏيل عرب امارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي شيخ عبدالله بن زايد النهيان گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي اڻٿڪ تعاون کي ساراهيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير دبئي ۾ مادام تسائو ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽ?? جي ميڻ جي مجسمي جي نقاب ڪشائي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم طور محترمه بينظير ڀٽ?? جي نمايان ڪارنامن جو ذڪر ڪيو جنهن سڄي دنيا ۾ نوجوانن، عورتن ۽ جمهور?? تحريڪن کي متاثر ڪيو.