اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزي?? مرتضيٰ سولنگي پارليامينٽ هائوس جي پريس گيلري جو دورو ??يو ۽ صحافين مان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون تحت پنهنجون ذميواريو?? پوريون ڪيون آهن. هن چيو ته صحافي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو اهم ٿنڀ آهن، صحافي معاشري جي لاءِ هڪ آئينو آهن، اهي عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪن ٿا. هن چيو ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ جي لاءِ پڻ قدم کنيا. ان موقعي تي صحافين پريس گيلري جو دورو ??رڻ تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزي?? مرتضيٰ سولنگي جا ٿورا مڃيا. هنن مرتضيٰ سولنگي جي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان نگران حڪومت جي دور ?? ڪردار کي پڻ ساراهيو.