اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀ??رتي حڪومت جا ڪڌا ڪرتوت دنيا آڏو بي نقاب ٿي رهيا آهن، ڀارتي فوج والاريل ڪشمير کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اه?? ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري پنهنجي آزادي جو سج اڀ??ندي ڏسندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز ۽ نظريه پاڪستان ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ايوان ??ائد ايف نائن پارڪ ۾ ڪشميرين سان ??ڪجهتي جي اظهار جي مناسبت سان تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو.