اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي) جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ وفاقي وزير زبيده جلال، احسان الله ريڪي، خالد حسين مگسي، محمد اسرار ترين ۽ رو??ينه عرفان شامل هئا. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود کانسواءِ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ۽ قومي اسيمبل?? ۾ ??ڪمران اتحاد جو چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر پڻ موجود هئا.