اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهي وزارت کان ڊي چوڪ تائين مذمتي واڪ ٿي جنهن جي قيادت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪئي. واڪ ۾ ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، قومي سلامتي واري خاص معاون معيد يوسف پڻ ش??ڪت ڪئي. وزيراعظم سيڪريٽريٽ کان صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، سينيٽر فيصل جاويد ۽ پارليامينٽ ميمبرن ش??ڪت ڪئي. وزيراعطم سيڪريٽريٽ کان ڊي چوڪ تائين ان مذمتي واڪ جي قيادت صدر ??ار?? علوي ڪئي. واڪ دوران مظلوم ڪشميري?? سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. واڪ ۾ سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ عوام جي وڏي ا??گ ش??ڪت ڪئي.