اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي اٺين صوبي تي طالبانن جي ??بضي کانپ??ءِ افغانستان ۽ آمريڪي عوام کي افغانستان جي ??وجوده حڪمرانن جي سامهون سوال رکڻ گهرجي ته آخر افغانستان کي ڏنل 2 هزار ارب ڊالر زمين کائي ??ئي يا آسمان ڳهي ويو. پنهنجي ??ڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايترا پئسا لڳڻ کانپ??ءِ افغان فوج پنن وانگر ڇو وکري رهي آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي عوام غربت ۾ پيسجي رهي آهي پر افغانستان جا سياستدان ۽ جرنيل ارب پتي آهن، انهن سڀني جا ٻاهرين ملڪ اربين روپين جا اثاثا آهن، ڪرپشن ڪهڙي طرح قومن کي غرق ڪري ڇڏيندي آهي، افغانستان ان جو مثال آهي.