اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي پاڪستان جي روانگي واپار کي وڌائڻ جي قدمن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جولاءِ 2021ع ?? 19.7 سيڪڙو اضافي سان روانگي واپار 2.3 بلين ڊالرز ۽ ٽيڪ??ٽا??يل روانگي واپار 1.49 بلين ڊالرز رڪارڊ ٿيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته روانگي واپار ۾ اضافو پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻي ۾ پڻ اضافي جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته 2018ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي حڪومت ملي ته (ن) ليگ جي غلط پاليسين جي ڪري ٽيڪ??ٽا??يل انڊسٽري کي تالا لڳل هئا، پاور لومز ڪٻاڙ جي اگهن ۾ وڪرو ٿي رهيون هيون ۽ اڄ ٽيڪ??ٽا??يل انڊسٽري پنهنجي عروج تي آهي. هن چيو ته ٽيڪ??ٽا??يل جي روانگي واپار ۾ رڳو جولاءِ 2021ع ?? 17 سيڪڙو وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.