اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪنٽونمنٽ چونڊن ۾ عوام وزي??اع??م ع??ران خان تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هڪ دفعو ٻيهر پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ سيٽن سان سر فهرست رهي، پي ٽي آءِ واحد قومي پارٽي جي طور تي اڀري سامهون آئي جنهن سمورن صوبن ۾ نمائندگي حاصل ڪئي آهي. سومر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي سڪڙجي علائقائي پارٽيون بڻجي چڪيون آهن، ??لو??ستان ۾ مسلم ليگ (ن) هڪ به سيٽ نه کٽي سگهي. سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) جو پنجون نم??ر رهيو، پيپلزپارٽي پنجاب ۽ ??لو??ستان ۾ هڪ به سيٽ حاصل نه ڪري سگهي.