اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا کي ه?? نازڪ موڙ تي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ??ئين دور جي شروعات ڪري سگهجي ??ي، عالمي برادري تي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان گڏيل ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. سي اين اي تي پنهنجي ??ڪ مضمون ۾ پرڏيهي وزير چيو ته دنيا جون نظرون هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان تي آهن. عالمي برادري جي صورتحال تي ڳڻتي آهي. چئلينج اهو آهي ته افغانستان ۾ پنهنجي ??نهنجي ??فادن کان مٿانهون ٿي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪيو وڃي. چار ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان جاري تڪرارن افغان عوام کي وڏو جاني نقصان پهچايو آهي. انهن کي انهن مصيبتن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ڏسڻ جو سڀ کان وڌيڪ خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار کان وڌيڪ جانيون قربان ڪيون، 4 ملين کان وڌيڪ پناهگيرن جي ??يزباني ڪئي ۽ 50 ارب آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان کنيو. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته الزام بازي جي راند ۽ غيرحقيقي اميدن اسان کي آزمايو آهي، پر اسان افغانستان جي استحڪام جي ??نهنجي عزم تي ??دا??ين ثابت قدم رهيا آهيون. آمريڪا ۽ طالبان جي ??چ ۾ طئي ٿيل ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جو تعميري ڪردار اهم هو. هن چيو ته 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ جڏهن طالبان ڪابل ۾ داخل ٿيا ۽ صدارتي مهل تي قبضو ڪري ورتو ته پاڪستان ڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو کليل رکيو جڏهن ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) سفارتي مشنز، عالمي تنظيمن، اين جي اوز ۽ ميڊيا ادارن جي ??يمبرن کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته افغانستان جي تاريخ جو رخ بدلجي ??يو آهي، پر اسان خطي ۾ استحڪام جي ??ئين دور جي شروعات ڪري سگهون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته افغان عوام جي حوالي سان حقيقي ه??دردي ۽ هڪ انسان دوست موقف جي ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ اسان اولهه تي زور ڏيڻ چاهيون ٿا ته اهي پنهنجي ??عاشرتي نظريي موجب افغان معاشرو قائم ڪرڻ جي رجحان کي ختم ڪن. پاڪستان افغان معاشري جي گهڻ قوميتي ڪردار جي احترام جي ??اءِ هڪ ٺوس موقف جي حق ۾ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان انساني حقن جي تحفظ، خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي ۽ افغان آبادي جي انتهائي ڪمزور طبقن جي تحفظ جي حمايت ڪريون ٿا. اسان اهڙي افغانستان کي ڏسڻ چاهيون ٿا جيڪو پاڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ??اڙيسرين ۽ دنيا سان امن ۾ هجي. عالمي برادري وانگر اسان به ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا ته افغانستان ٻيهر دهشتگردن جي ??ناهگاهه نه بڻجي ??ڃي. پرڏيهي وزير چيو ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته طالبان پاران ٿيندڙ اعلان امن قائم ڪرڻ، استحڪام وڌائڻ ۽ مفاهمت جي ??اءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جا عڪاس آهن. اسان سڀني کي انهن بيانن ۽ اشارن جي حوصلا افزائي ۽ حمايت ڪرڻ گهرجي. عالمي امداد جي حوالي سان اسان کي افغانستا کي اڪيلو ڇڏڻ جي انساني ه??درديج ي نتيجن کان آگاهه رهڻ گهرجي. اسان کي يقين آهي ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ جيڪو ڪجهه افغانستان ۾ خرچ ڪيو ??يو ان جو هڪ ننڍڙو حصو به ملڪ کي پنهنجي ??يرن تي بيهارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان سان نه رڳو علائقائي امن ۽ استحڪام جو فائدو ٿيندو پر منشيات جي اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ ۾ پڻ مدد ملندي. دنيا کي ان اهم موڙ تي افغان عوام کي اڪيلو ڇڏڻ نه گهرجي.