اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر ريپبلڪن سينيٽر جيمز رش سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير پاڪستان پاران آمريڪا سان ڊگهي بنياد، اسٽريٽجڪ حصيداري جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو جيڪو ٻطرفي ۽ علائقائي حوال?? سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پرڏيهي وزير علائقائي رابطي، ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي اهيمت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير افغانستان ۾ هڪ جامع، سياسي حل کي حاصل ??رڻ جون ڪوششون جاري رکڻ تي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته افغانستان ۾ هڪ مستحڪم ۽ وسيع بنياد حڪومت جي ضرورت آهي ته جيئن عالمي دهشتگرد گروه، اف??ان سرزمين جو ٻيهر ڪڏهن استحصال نه ڪري سگهن، آمريڪي سينيٽر رش ٻطرفي ۽ علائقائي معام??ن تي گڏيل مقصدن کي حاصل ??رڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جاري رکڻ جي حوال?? سان پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي موقف سان اتفاق ڪيو.