اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آمريڪا ۾ رهندڙ خرم محمود جي لاڏاڻي تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته خرم محمود جي لاڏا??ي جو ٻڌي انتهائي ڏکويل آهيان. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته خرم محمود هڪ ڪامياب واپاري ۽ تحريڪ انصاف جو بي لوث سوشل ميڊي?? ايڪٽيوسٽ هو. هن چيو ته منهنجو?? دعائون ۽ همدرديون سندس گهرڀاتين سان گڏ آهن.