اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته م??رڪ??ٽ جون ضرورتن ۽ گهرج موجب نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو، م??رڪ??ٽ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هنرمند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پوندو. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر ملڪ ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جي حوالي سان بريفنگ دوران ڪيو. بريفنگ ۾ نيوٽڪ جو چيئرمين سيد جاويد حسن ۽ ٽوئيٽا جي صوبائي سربراهن شرڪت ڪئي. صدر کي نوجوانن جي تربيت ۽ هنرمند بڻائڻ جي حوالي سان مختلف پ??وگرامن تي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي صدر چيو ته م??رڪ??ٽ جي ضرورتن ۽ گهرج موجب نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، م??رڪ??ٽ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هنرمند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پوندو. هن چيو ته نوجوانن کي انڊسٽري جي ضرورتن موجب سکيا ۽ هنر فراهم ڪرڻو پوندو، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي هنرمند بنائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو ملڪي آبادي جو 12 کان 14 سيڪڙو حصو آهن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ لاءِ هنرمند بڻائڻو پوندو. هنرمند ماڻهن افرادي قوت تيار ڪرڻ لاءِ انڊسٽري سان گڏ رابطا ضروري آهن، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ سان انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.