ا??لا?? آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته پ??ڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اها ڳالهه هن هتي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۾ ڪرسمس جي ??قريبن جي ??لسلي ۾ منعقد ڪيڪ ڪٽڻ جي ??قريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ان موقعي تي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني، هن ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل محمد عاصم ڪڇي جي ??داري جي ??هتري لاءِ ڪيل مخلصاڻي ڪوششن جي ??ه واکاڻ ڪئي، ان کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان چيو ته ا??لا?? امن جو مذهب آهي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ سڀني لاءِ مذهبي روايتن جي ??زادي جو درس ڏي ٿو. هن پاڪستاني مسيحي برادري کي ملڪ جي ??رقي لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، ان موقعي تي بشپ طارق جان چيو ته مسيحي برادري ملڪ جي ??وشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي ۽ ڪيڪ ڪٽڻ جي ??قريب جي ??نعقاد تي پي بي سي جو ٿورو ادا ڪيو. تقريب ۾ مسيحي برادري کانسواءِ ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، ان موقعي تي گيت به پيش ڪيا ويا ۽ ملڪي ترقي، ??لا??تي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.