دبئي – 22 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڊرامي، فلم ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي ڪهاڻي دنيا تائين پهچائي سگهجي ٿي، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پا??ستان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ هو جتي وڏا سئن??ما گهر موجود هئا جڏهن ته فلم سازي جي لحاظ کان پا??ستان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ هو، ماضي ۾ فلم ۽ ڊراما انڊسٽري مناسب ڌيان نه ملڻ جي ڪري زوال جو شڪار ٿي، اسان فلم انڊسٽري کي بحال ڪيو، سئن??ما گهرن کي سستي بجلي فراهم ڪئي، فلم انڊسٽري تي ٽيڪسن جو خاتمو ڪيو، دبئي ايڪسپو ۾ پا??ستان پويلين هيري وانگر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پا??ستاني فلمن جي نمائش جي شروعات ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت سئن??ما گهرن تي خاص ڌيان ڏيندي بجلي جي اگهن ۾ رعايت سميت انهن تي لاڳو ٽيڪسن ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي. هن چيو ته هن وقت سئن??ما گهرن کي سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ پڻ قدم کنيا، فلم انڊسٽري تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته مقامي مواد جي حوصلا افزائي جي لاءِ پرڏيهي مواد تي ٽيڪسز هنيا، غيرملڪي ڊرامن تي ٽيڪس هڻڻ جو مقصد اهو ه?? ته اسان جا پنهنجا ماڻهو ڊرامن ۽ اشتهارن ۾ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته پا??ستان ۾ خوبصورت سياحتي جايون موجود آهن جتي فلم سازي جي لاءِ اين او سي جي طريقيڪار کي پڻ آسان بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته دبئي ايڪسپو ۾ پا??ستان پويلين هيري وانگر آهي، هتي پيش ڪيون ويندڙ پا??ستاني فلمون عالمي ڏسندڙن جي لاءِ آهن. واضح رهي ته ايڪسپو 2020ع ۾ پا??ستان پنهنجي بلاڪ بسٽر فلمن جي اسڪريننگ سان پنهنجي سئني??ا کي فروغ ڏئي رهيو آهي. 26 فيبروري تائين ه?? جمعي ۽ ڇنڇر ڏينهن مجموعي طور تي 11 پا??ستاني فلمون پا??ستان پويلين ۾ پيش ڪيون وينديون. افتتاحي تقريب جي پهرين ڏينهن ”طيفا ان ٽربل“ جي اسڪريننگ ڪئي وئي. فلم اسڪريننگ جي لاءِ اداڪار علي ظفر ۽ اداڪاره حريم پڻ موجود هيون. اطلاعات واري وفاقي وزير فيٿو ڪاٽي پا??ستان پويلين ۾ فلمن جي نمائش جي شروعات ڪئي. افتتاحي تقريب ۾ يو اي اي ۾ رهندڙ پا??ستانين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.