اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا ۽ عالمي سطح ت?? 10 ??الن جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي سميت ٻين معاشي چئلينجن جي باوجود پائيدار ترقي جي 5.37 سيڪڙو شرح حڪومت جي ڪاميابي آهي، هلندڙ ??ال?? سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ روانگي واپار، ٽيڪس وصولي، جنسن جي پيداوار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ??ال?? سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ آءِ ٽي روانگي واپار 35.8 سيڪڙو، ايف بي آر ٽيڪس وصولي 32.4 سيڪڙو، اسٽيٽ بئنڪ ريزور 31.8 سيڪڙو، ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 26 سيڪڙو، سروسز روانگي واپار 20.4 سيڪڙو، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 13.3 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته ڪپهه، چانور، ڪڻڪ، ڪمند ۽ مڪئي جي فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان آبادگارن وٽ اربين روپين جي اضافي آمدني ٿي آهي ۽ آبادگارن جي خريداري جي سگهه ۾ اضافو ٿيو آهي.