اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته جولاءِ کان ڊسمبر 6 مهينن ۾ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 7.4 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. مملڪتي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته جڏهن وڏين صن??تن جي پيداوار ۾ اضافو ٿئي ٿو ته معاشي سرگرمين ۾ به اضافو ٿئي ٿو، ج??ڪا پائيدار معيشت جي نشاني هوندي آهي، اهي انگ انگ انهن ماڻهن کي چپ ڪرائڻ جي لاءِ ڪافي آهن جيڪي بنا جواز معيشت جي تباهي جو ر??ڄ راڙو ڪن ٿا.