اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيئر اداڪار مسعود اختر جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظه??ر ڪندي چيو آهي ته مسعود اختر جي لاڏاڻي جي خ??ر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مسعود اختر ڪيترين ئي فلمن، ڊرامن ۽ ٿيٽر پروڊڪشن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جا جوهرا ??يکاريا. چوڌري فواد حسين وڌيڪ چيو ته ان جو پهريون ڊرامو ”پئسا بولتا هي“ 1970ع ۾ الحمرا ۾ پيش ٿيو. هن چيو ته فن ۽ شوبز جي لاءِ مرحوم جي خ??متن کي وساري نه ٿو سگهجي. چوڌري فواد حسين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.