اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هڪ اعتماد جوڳو دوست ۽ حصيدار جي حيثيت سان سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي وڏي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن سريلنڪن بحريه جي ڪمانڊر وائس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزي??اع??م فيبروري 2021ع ۾ پنهنجي سريلنڪا جي دوري کي ياد ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي ٺوس طور تي اپ گريڊ ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش کي ورجايو. وزي??اع??م چيو ته سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون پاڪستان سريلنڪا لاڳاپن جو اهم جز ۽ خ??ي ۾ امن ۽ استحڪام جو عنصر رهيو آهي. وزي??اع??م وڌيڪ چيو ته هو سريلنڪن قيادت جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. سريلنڪا جي وائيس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن تي زور ڏنو ۽ عالمي ۽ علائقائي فورمن تي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.