اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته پا??ستان عالمي سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، پا??ستان روس سان بهترين ۽ سمورن ملڪن سان واپاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي، اسان ??اهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، طاقت جي بدران ??الهين سان مسئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان، پا??ستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، اسرندڙ ملڪن جو ??ئس?? واپس ڪرڻ جي لاءِ ترق?? يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ مني لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آهي، جيستائين توهان پنهنجي غلطين مان نه ٿا سکو اڳتي نه ٿا وڌي سگهو. اهڙن خيالن جو اظهار هن روسي ٽي وي آر ٽي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. وزيراعظم عمران خان ??يو ته انسان سدائين خدا جي ڳولا ۾ رهي ٿو، ٻين انسانن جي بهتري لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آهي، انسان ??ي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته ماحولياتي آلودگي هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، ان جي ڪري دنيا متاثر ٿي رهي آهي، پا??ستان ماحولياتي آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ مني لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آهي، حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ ??ئس?? جي منتقلي سان اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، حڪمرانن جي ڪرپشن سان ادارا تباهه ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته مني لانڊرنگ ۽ غيرمنصفاڻي ورڇ سان غربت ۾ اضافو ٿئي ٿو، ملڪ جو ??ئس?? ٻاهر منتقل ڪرڻ تباهي جي برابر آهي. هن زور ڏنو ته ان سلسلي ۾ اسرندڙ ملڪن جو ??ئس?? واپس ڪرڻ جي لاءِ ترق?? يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ سرد جنگ پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو، جڏهن ته پا??ستان عالمي سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، البته هن چيو ته ماضي ۾ پا??ستان آمريڪي گروپ جو حصو هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان سمورن ملڪن سان واپاري لاڳاپا چاهيون ٿا، افغان پناهگيرن کي پا??ستان پناهه ڏني، ٻاهرئين امداد هڪ لعنت آهي، ان جي لاءِ ملڪن کي غلط فيصلا ڪرڻا پون ٿا، جيستائين توهان پنهنجي غلطين مان نه ٿا سکو اڳتي نه ٿا وڌي سگهو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري پوري دنيا جي معيشت کي جهٽڪو لڳو آهي. وزيراعظم عمران خان ??يو ته اسان ??اهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، آئون طاقت بدران ??الهين سان مسئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان. پنهنجي روس جي دوري جي ڏس ۾ وزيراعظم چيو ته پا??ستان روس سان بهترين لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ قدم کڻي، پا??ستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ڀارت کي ڳالهين جي دعوت ڏني، ڀارت ۾ فاشسٽ نظريا رکندڙ پارٽي جي حڪومت آهي. هن چيو ته اسان ??اهيون ٿا ته ايران مٿان پابنديون ختم ٿي وڃن، غربت جي خاتمي لاءِ اسان ??ي چين کان سکڻو پوندو، ٻين انسانن جي بهتري لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آهي.