اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي م??ڪي ترقي لاءِ صنعتن ۽ ڪاروبارن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سياحت جي ش??بي ۾ بي ??نا??ه موقعا آهن جنهن مان ڀرپور طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ نوجوانن کي م??اسبت تربيت ۽ رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صنعت ۽ واپار سوات جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عدنان علي جي قيادت ۾ سا??س ملاقات ڪئي. صدر چيو ته صنعتون ۽ ڪاروباري برادري واپاري ماپو وڌائڻ ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر سوات ۾ سياحت جي ش??بي ۾ ترقي جي م??قعن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سياحت جي ش??بي ۾ امڪانن مان فائدو کڻي م??ازمت جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. ان سلسلسي ۾ نوجوانن کي م??مان نوازي ۽ قيام ۽ طعام جي ش??بي ۾ تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ قرض فراهم ڪري رهي آهي، سوات جا نوجوان سياحت ۽ مهمانوازي جي ش??بي ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪن ۽ موقعن مان فائدو کڻن. صدر چيو ته حڪومت رستن سميت بنيادي ڍانچي جي ترقي سان سياحت کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جڏهن ته نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان موقعي تي وفد صدر کي پنهنجي مسئلن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، صدر وفد کي مسئلن جي حل ۾ تعا??ن جي خاطري ڪرائي.