اسلام آباد – 24 – اپ??يل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي نيشنل ڊيز??سٽ?? مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) دادو ضلعي جي ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باهه جي متاثرين ۾ امد??دي چيڪس ورهايا آهن. اين ڊي ايم اي پاران جاري پڌرائي موجب 18 اپ??يل 2022ع سومر جي رات دادو ضلعي جي ڳوٺ ۾ تيز هوائن جي ڪري پيش آيل افسوسناڪ باهه جي واقعي ۾ 8 ماڻهو فوت، 3 زخمي جڏهن ته 75 خاندان متاثر ٿيا هئا. باهه جي متاثرين جي امداد لاءِ وزيراعظم پاران فوت ٿيندڙن جي پونيئرن سان گڏوگڏ زخمين ۽ ٻين متاثر خاندانن جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو هو. واضح ر??ي ته ڄاڻايل چيڪس اين ڊي ايم اي پي ڊي ايم اي سنڌ ۽ ضلعي انتظاميا دادو جي معاونت سان متاثر خاندانن ۾ ورهايا آهن.