اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئين جي بالادستي سان ??ي پاڪستان ۾ جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان قومي اسيمبلي ميمبر محسن شاهنواز رانجها اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پا??ستان ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ پا??ستان جي معاشي ترقي جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئين جي بالادستي سان ??ي پاڪستان ۾ جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ??سان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. محسن شاهنواز رانجها ان يقين جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم شهبازشريف جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت ۾ ت??قي جي اها ئي رفتار نظر ايندي جيڪا سن??س قيادت ۾ پنجاب ۾ ڏٺي وئي.