اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪي ۽ پاڪستان هڪ جان ۽ ٻه دليون آهن، شهري ٻن ملڪن ۾ رهندا آهن پر هڪ قوم آهن، صدين جي رشتن ۾ ڳنڍيل اهي لاڳاپا دنيا ۾ هڪ منفرد مثال جي حيثيت رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري م??پو ايندڙ ٽن سا??ن ۾ 5 ارب ڊالر تائين پ??چائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ترڪي جي ٽن ڏي??هن جي سرڪاري دوري دوران انقره ۾ ”ٽي آر ٽي“ جي هيڊ آف اردو سروس ڊاڪٽر فرقان حميد کي خصوصي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان هڪ جان ۽ ٻه دليون آهن، شهري ٻن ملڪن ۾ رهندا آهن پر هڪ قوم آهن، هڪ خدا، هڪ رسول ۽ هڪ ڪتاب کي مڃيندڙ آهن، صدين جي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن ان جي دنيا ۾ ڪو به مثال نٿو ملي، شهباز شريف چيو ته مون جيئن ئي وزيراعظم پاڪستان جي حيثيت سا?? حلف کنيو ته سڀ کان پ??رين انهي رات ترڪي جي صدر ۽ منهنجي ڀاءُ، پاڪستان جي انتهائي شفيق ۽ تمام گهري دوست صدر اردوان ٽيليفون ڪندي مون کي وزارت اعظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي م??ارڪباد پيش ڪئي، هن چيو ته اهو سندس دل جي گهراين سا?? محبت جو اظهار آهي ج??هن جي لاءِ ذاتي طور تي ان جو ٿورائتو آهيان، هن چيو ته پاڪستان جي قوم صدر رجب طيب اردوان جي نه رڳو معترف آهي پر ترڪي ۽ پاڪستان جو جيڪو رشتو آهي اهو دنيا ۾ هڪ منفرد مثال جي حيثيت رکي ٿو، ا??هن لاڳاپن کي جوڙڻ ۽ وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ منهنجو ترڪي جو دورو وڏو ڪارآمد ثابت ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪي جي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته صدر اردوان ۽ سندس وزيرن سا?? ٿيندڙ ڳالهين ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري م??پو ايندڙ ٽن سا??ن ۾ 5 ارب ڊالر تائين پ??چائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، هن وقت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري م??پو صرف هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر آهي، اسان گذريل 75 سا??ن ۾ واپاري م??پو صرف 1.1 ارب ڊالر تائين پ??چائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، ايندڙ ٽن سا??ن ۾ ان جو پنج ارب ڊالر جو هدف حاصل ڪرڻو آهي، اسان جي لاءِ هڪ چئلنيج آهي ۽ اسان انشاءُ ان چئلينج کي قبول ڪنداسين ۽ ان کي عملي شڪل ڏينداسين. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ صدين کان جيڪي گهرا لاڳاپا قائم آهن بدقسمتي سا?? ان جي جهلڪ واپاري ميدان ۾ نظر نٿي اچي، هن چيو ته واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ سا?? پاڻ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جي ڪلچر کي فروغ حاصل ٿيندو، ان لاءِ 5 ارب ڊالر جو هدف مقرر ڪيو آهي ان کي حاصل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، وزيراعظم شهباز شريف سياحت جي شعبي ۾ ترڪي سا?? تعاون ڪرڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته ترڪي سان پ??هنجي لاڳاپن کي 2018ع جي سطح تي جتي اسان ڇڏيو هو اتان کان اڳتي وٺي وينداسين، اسان وڏي تيزي سا?? گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏينداسين، هن چيو ته ترڪي ٻين شعبن وانگر سياحت جي شعبي ۾ به وڏا ڪمال ڏيکاريا آهن، اسان ٻنهي ملڪن جي ترقي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪنداسين.