اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنج??ب جي اڳوڻي گهرو وزير ڪرنل (ر) شجاع خانزاده کي خراج عق??دت پيش ڪندي چيو آهي، ته هو بهترين دوست ۽ اسان جي پارٽي جو وفادار ۽ مخلص اڳواڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ سٺو انسان هو. اڱاري ڏينهن ڪرنل (ر) شجاع خانزاده جي ستين ورسي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪرنل (ر) شجاع خانزاده پنهنجي حياتي کي درپيش خطرن جي پرواهه نه ڪندي پنج??ب جي گهرو وزير جي حيثيت سان دهشتگردي خلاف جنگ جي قيادت ڪئي.