ڊيره غازي خان – 01 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڏن ڊيمن جي تعمير ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ٻوڏ کان متاث?? علائقن جي دوري جي موقعي تي ڊيره غازي خان ضلعي انتظاميا پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪيو. صدر ڊيره غازي خان ۾ 3 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي بيٺل فصل، قيمتي جاني ۽ مالي نقصان ۽ هزارين عمارتن کي پ??چندڙ نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر چيو ته ما??هن جي جان ۽ مال، چوپائي مال، گهرن ۽ فصلن کي پ??چندڙ نقصان جو ازالو ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڊيره غازي خان ۾ جابلو ٻوڏ جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ڊيلي ايڪشن ڊيمن جي تعمير تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڏن ڊيمن جي تعمير ضروري آهي. صدر چيو ته حڪومت پاران ٻوڏ متاثرين جي نقصانن جو جلد ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي. فصلن جي انشورنس ڪرڻ سا?? آفتن سبب آبادگارن ۽ هارين جي نقصان کي پو??و ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آبادگارن کي فصلن جي انشورنس ڪرائڻ جي ترغيب ڏني وڃي. ٻوڏ کانپوءِ بيمارين جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ صحت جون ضرورتون پو??يون ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.