اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته جيو پوليٽيڪل تڪرار، ملڪي ۽ عالمي غير يقيني وارين حالتن عالمي ۽ ملڪي معاشي منظرنامي تي اثر انداز ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾ غير معمولي برساتن ۽ شديد ٻوڏ سبب فصلن کي شديد نقصان پهتو آهي، جنهن سان ملڪ جي مجموعي اقتصادي منظرنامي تي ناڪاري اثر پيا آهن. مارچ 2022ع ۾ بين الاقومي تيل ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ ٿي آهي جنهن جا اثر پاڪستان معيشت تي پڻ پيا آهن ۽ ملڪ ۾ مهانگائيءَ ۾ واڌ ٿي آهي. اها ڳالهه ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل م??هوار اقتصادي اپ ڊيٽ ۾ ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت مطابق عالمي ماريڪٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جي باوجود ايڊجسٽمينٽس جي قدمن ۾ دير سبب قيمتن ۾ واڌ جا اثر جاري رهي سگهن ٿا، ان کان علاوه رپئي تي دٻاءُ سبب پڻ قيمتن ۾ واڌ جو رجحان جاري آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته هاڻوڪي شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب قيمتي انساني جانين ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، هن ٻوڏ ڪيترن ئي خاندانن کي سندن ملڪيت ۽ روزگار کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ان سبب جاري ماري سال ۾ ملڪ جي اقتصادي پيش منظر غير يقيني واري آهي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ هدفن جي حاصلات ۾ مشڪل ٿيندي. ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ مطابق جولاءِ کان آگسٽ جي مهيني ۾ پرڏيهه مان آيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 5.2 ارب ??ال?? رڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل مالي سال جي انهيءَ مُدي جي ڀيٽ ۾ 3.2 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين طرفان ڏيهه موڪليل ناڻي جو حجم 5.4 ارب ??ال?? رڪارڊ ڪيو ويو هو. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ روانگي واپار ۾ 11.3 سيڪڙ?? جي شرح سان اؤسر ٿي آهي. جولاءِ کان آگسٽ دوران ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 5.1 ارب ??ال?? رڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 4.6 ارب ??ال?? هو. ملڪي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ 2.1 سيڪڙ?? جي شرح سان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ ملڪي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 11.1 ارب ??ال?? رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 11.3 ارب ??ال?? هو. ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 1.9 ارب ??ال?? رڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 2.4 ارب ??ال?? هو. انگن ??کر?? مطابق سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 26.1 سيڪڙ?? جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 169.5 ملين ??ال?? رڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي ۾ 229.5 ملين ??ال?? هو. پورٽ فوليو سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو ڪاٽو 25.1 ملين ??ال?? رڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 921.5 ملين ??ال?? هو. مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ 87.8 سيڪڙ?? جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 114.1 ملين ??ال?? رڪارڊ ڪيو ويو ه?? جيڪو گذريل مالي سال جي ان مُدي ۾ 1.19 ميلن ??ال?? هو. گذريل سال 28 سيپٽمبر تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 26.037 ارب ??ال?? رڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو هلندڙ سال 28 سيپٽمبر تي 13.582 ارب ??ال?? رڪارڊ ڪيو ويو. گذريل سال 28 سيپٽمبر تي ايڪسچينج ريٽ 169.97 رپيا ه?? جيڪو هلندڙ سال 28 سيپٽمبر تي 232.12 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. انگن ??کر?? مطابق ايف بي آر جي محصولن ۾ جولاءِ دوران 9.7 سيڪڙ?? جي شرح سان اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي. جولاءِ ۾ ايف بي آر 948 ارب رپين جا محصول گڏ ڪيا، جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 864 ارب رپيا هئا. جولاءِ جي مهيني ۾ نان ٽيڪس روينيو ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. هلندڙ سال جولاءِ ۾ نان ٽيڪس روينيو جو ڳاڻيٽو 41 ارب رپيا رهي?? جيڪو گذريل سال جولءِ ۾ 47 ارب رپيا هو. سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت جولاءِ ۾ مختلف رٿائن لاءِ 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا. گذريل سال جولاءِ ۾ پي ايس ڊي پي تحت مختلف رٿائن لاءِ 25 ارب رپيا جاري ڪيا ويا هئا. جاري مالي سال جي پهرين مهيني ۾ مالياتي خسارو جو ڳاڻيٽو 210 ارب رپيا رڪارڊ وي?? جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 238 ارب رپيا هو. مالياتي خساري ۾ جولاءِ دوران سالياني بنيادن تي 11.7 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ سال جولاءِ ۾ پرائمري خسارو 142 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ ڪاٽو 5 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. جولاءِ ۽ـ آگسٽ ۾ زريع شعبي لاءِ 226.1 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا جيڪي گذريل مالي سال جي ان مُدي جي ڀيٽ ۾ 31.8 سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ زرعي شعبي لاءِ 176.6 ارب رپين جا قرض جاري ڪيا ويا هئا. جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو حساس اشاريو 26.1 پوائنٽ رڪارڊ ڪيو ويو ه?? جيڪو گذريل سال جولاءِ ۽ـ آگسٽ ۾ 8.4 پوائنٽ هو. جولاءِ ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار جو اشاريو ڪاٽو 1.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 1.4 سيڪڙو هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو ڪيس اينڊ 100 انڊيڪس پهرين جولاءِ تي 41435 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو وي?? جيڪو گذريل سال پهرين جولاءِ تي 41630 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو هو. مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن ۾ جاري مالي سال دوران 2.16 سيڪڙ?? جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، ان جي ابتڙ نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ 1.65 سيڪڙ?? جي شرح سان ٿي آهي.