اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تيز رفتار اقتصادي ترقي جي لاءِ اعليٰ تعليم کي انتهائي اهميت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته هو واضح قانونن کي لاڳو ڪرڻ، انهن جي سخت ۽ منصفاڻي لاڳو کي يقيني بڻائڻ سميت انصاف جي فراهمي ۽ خوداحتسابي کي فروغ ڏيڻ سان بد??نو??ني جي حوصلا شڪني ڪري سگهجي ٿي. صدر ??هڙن خيالن جو اظهار هتي ايوان صدر ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس (آءِ سي ايم اي) جي ميمبرن جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آءِ سي ايم اي پاڪستان جو صدر ??هزاد احمد ملڪ ۽ اڪائونٽنگ اينڊ مالياتي شعبي جي ميمبرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. صدر پيشيواراڻي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ادارن کي مهارت تي ٻڌل ۽ پيشيواراڻي تعليم جي لاءِ موثر قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته گريجوئيٽس ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪ??ي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان کي تربيت يافته انساني وسيلن ۽ پيشيواراڻي مانهن جي ضرورت آهي، جن ۾ ڪاسٽ ۽ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس به شامل آهن. ڊاڪٽر عارف علوي ادارن تي زور ڏنو ته اهي يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ پيشيور ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ڪن. هن چيو ته پيشيواراڻي ادارن کي وڌ کا?? وڌ گريجوئٽس پيدا ڪ??ڻ گهرجن. ڇو ته انڊسٽري ۽ مارڪيٽ ۾ هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت آهي. صدر پاڪستان ۾ ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس تيار ڪرڻ تي آءِ سي ايم اي کي ساراهيندي چيو ته ڪرپشن ۽ ميرٽ جي پائمالي سان ادارن ۽ ملڪ ۾ ٻاڙائي پيدا ڪ??ي وئي. هن چيو ته بد??نو??ني اولهه ملڪن ۾ به آهي. ڪورونا وائرس جي وبا دوران هڪ اولهه ملڪ ۾ ماڻهن جعلي دستاويزن تي اجرت جي دعويٰ ڪئي. هن چيو ته مالياتي ڏوهن جو اصل سبب ڏوهارين سان اهلڪارن جي ملي ڀڳت آهي. هن ڪرپشن کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انصاف جي فراهمي ۽ خود احتسابي سان بد??نو??ني جي حوصلا شڪني جي راهه هموار ٿيندي. صدر مالياتي ۽ اڪائونٽنگ جي شعبي سان واڳيل ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي معيشت جي دستاويزن ۾ مدد فراهم ڪرڻ، چوري ۽ ٽيڪس کا?? بچڻ جي حوصلا شڪني، بد??نو??ني تي ضابطو آڻڻ ۽ حڪومت کي منصفاڻي ٽيڪس ۽ اوڳاڙيون پيدا ڪ??ڻ ۾ مدد فراهم ڪن. هن شاگردن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۽ ضرورتمند ماڻهن جي خدمت جو جذبو رکن. ان کا?? اڳ صدر فارغ ٿيندڙ شاگردن ۾ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا.