ڪراچي -04 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 46.3 ارب رپين جي لاڳت سان تيز برساتن/ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل 71 روڊن جي ا??ور هالنگ/ نئين سِر تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن ڪم جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي. هن چي?? ته ٽٽل روڊن جي ا??ور هالنگ خاص ڪري ننڍا روڊ جيڪي فارمن کي مارڪيٽ ۽ مختلف ڳوٺن کي مکيه شاهراهن سان ڳنڍيندا آهن اهي معيشت جي بحاليءَ ۽ عوام جي سهولت ۽ اچ وڃ جي لاءِ اهم آهن. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ورڪس وارو صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي ا??نڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس عمران عطا ۽ چيف انجنيئر روڊز شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو وي?? ته 23 ضلعن جا 71 روڊ جن جي ڪل ڊيگهه 1473.38 ڪلوم??ٽر آهي ا??ي تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا آهن جن ۾ ڄامشورو ضلعي ۾ 157.7 ڪلوم??ٽر جا 6 روڊ، دادو ۾ 149.27 ڪلوم??ٽر جا 5 روڊ، شهيد بينظير آباد جا 106.6 ڪلوم??ٽر جا 3 روڊ، نوشهروفيروز ۾ 137 ڪلوم??ٽر جا 9 روڊ، حيدرآباد ۾ 20.4 ڪلوم??ٽر جا 2 روڊ، ٽنڊوالهيار ۾ 93.8 ڪلوم??ٽر جا 6 روڊ، ٽنڊو محمد خان ۾ 19 ڪلوم??ٽر جو هڪ روڊ، ٺٽي ۾ 65 ڪلوم??ٽر جا 4 روڊ، سجاول ۾ 55.5 ڪلوم??ٽر جا 2 روڊ، بدين ۾ 71 ڪلوم??ٽر جو هڪ روڊ، ميرپورخاص ۾ 80 ڪلوم??ٽر جا 2 روڊ، عمرڪوٽ ۾ 20 ڪلوم??ٽر جو هڪ روڊ، سانگهڙ ۾ 46 ڪلوم??ٽر جا 3 روڊ، ٿرپارڪر ۾ 35 ڪلوم??ٽر جو هڪ روڊ، سکر ۾ 58 ڪلوميٽرن جا 5 روڊ، گهوٽڪي ۾ 9 ڪلوم??ٽر جو هڪ روڊ، خيرپور ۾ 23 ڪلوم??ٽر جا 2 روڊ، شڪارپور ۾ 67 ڪلوم??ٽر جا 3 روڊ، جيڪب آباد ۾ 45.45 ڪلوم??ٽر جا 3 روڊ، ڪشمور ۾ 52.29 ڪلوم??ٽر جا 3 روڊ، لاڙڪاڻي ۾ 92.65 ڪلوم??ٽر جا 5 روڊ ۽ قمبر-شهدادڪوٽ ۾ 67.2 ڪلوم??ٽر جا 3 روڊ شامل آهن. ورڪس واري وزير ضياءَ عباس شاهه وڏي وزير کي ٻڌاي?? ته روڊن جي لاڳت جو ڪاٿو 46.32 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير اسڪيم جي منظوري ڏيندي چيئرمين پي ا??نڊ ڊي حسن نقوي کي هدايت ڪئي ته هو جلد کان جلد ڪم کي باقاعده فائنل ڪري ا?? تي عمل شروع ڪري. اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) صوبي جي ڪجهه وڏن روڊن جي مرمت جي ڪم لاءِ مالي مدد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي جنهن لاءِ ضروري ڪاغذ مڪمل ڪيا پيا وڃن.