لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) خاون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر سان ٿيندڙ موت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ بيداري پيدا ڪرڻ ضروري آهي. سفائر ريٽيل لميٽيڊ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جي سلسلي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چ??و ته ا??ان جي آبادي جو 50 سيڪڙو حصو عورتن تي ٻڌل آهي، هن وڌ??ڪ چ??و ته ا??ان کي انهن کي نه رڳو نوڪريون ڏيڻ گهرجن پر انهن جي صحت جو به خيال رکڻ گهرجي. عورتن جي صحت کي يقيني بڻائڻ خاندان جي خوشحالي ۽ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ تمام ضروري آهي. هن چ??و ته هڪ عورت جي لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت ڄاڻڻ ضروري آهي، ڇو ته جيڪڏهن اهي ڪنهن بيماري ۾ مبتلا ٿين ٿيون ته اهي پنهنجو ڪم نه ٿيون ڪري سگهن. هن چ??و ته ا??تياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي وقت سر تشخيص ضروري آهي. هن چ??و ته جيڪڏهن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي پهرين اسٽيج تي تشخيص ٿي وڃي ته صحتياب ٿيڻ جي شرح اٽڪل 98 سيڪڙو آهي ۽ علاج گهٽ مهانگو هوندو آهي. هن چ??و ته عورتون عام طور تي شرم ۽ حيا جي ڪري ان بيماري کي ويجهي ماڻهن کان لڪائين ٿيون جنهن جي ڪري نه رڳو معاشرتي مسئلا جنم وٺن ٿا پر اهڙين عورتن جو وڏ انگ حياتي وڃائي ويهي ٿو. هن چ??و ته عام طور تي مالي اثرن جي ڪري به بيماري کي نظرانداز ڪيو ويندو هو، پر اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته ڪينسر جو علاج جيڪڏهن دي سان شروع ٿئي ٿو ته مهانگو ٿئي ٿو. خاتون اول سوال ڪ??و ته جيڪڏهن عورتن جي صحت ٺيڪ نه آهي ته اهي ڪيئن ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ پنهنجي خاندان جي سارسنڀال ڪري سگهن ٿيون. هن عورتن تي زور ڏن?? ته اهي هر مهيني پنهنجي صحت جي لاءِ 5 منٽ جو وقت ڪڍن ۽ پاڻ معائنو ڪن. هن چ??و ته ڪنهن به غيرمعمولي نمو جي صورت ۾ عورتن کي فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ويجهي خاندان جي ماڻهن سان ڳالهه ڪري انهن کي ان مسئلي کان آگاهه ڪرڻ گهرجي. ثمينه عارف علوي ماڻهن جي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ کانسواءِ معذور ماڻهن جي سارسنڀال جي لاءِ پڻ قدم کڻڻ تي زور ڏن??. هن ڪاروباري برادري کي چ??و ته اهي مختلف معذور ماڻهن کي افرادي قوت ۾ شامل ڪ?? ۽ انهن کي نوڪريون فراهم ڪن. هن عورتن کي انهن جي فيڪٽري ۾ نوڪريون فراهم ڪرڻ کانسواءِ انهن جي صحت جو خيال رکڻ تي سيفائر گروپ جي ڪردار کي ساراهيو.