اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ٻوڏ متاثر??ن جي بحالي ?? نئين سر تعمير بابت جنيوا ڪانفرنس جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي، عالمي برادري پاڪستان جي لاءِ 8.57 ارب ڊالر جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??طل??عات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ٻوڏ متاثر??ن جي بحالي ?? نئين سر تعمير بابت جنيوا ڪانفرنس جي پهرين مرحلي ?? يورپي يونين 93 ملين ڊالر، جرمني 88 ملين ڊالر?? چين 100 ملين ڊالر، اسلامي ترقياتي بئنڪ 4.2 ارب ڊالر، عالمي بئنڪ 2 ارب ڊالر، جاپان 77 ملين ڊالر، ايشيائي ترقياتي بئنڪ 1.5 ارب ڊالر، يو ايس ايڊ 100 ملين ڊالر ۽ فرانس 345 ملين ڊالر جو واعدو ڪيو آهي. جنيوا ڪانفرنس جو ٻيو سيشن جلد شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي.