اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنون جي علائقي جاني خيل ۾ پاڪ فوج جي سپاهي گل شير جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي فرض سرانجام ڏيڻ دوران شهادت ماڻڻ تي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر سپاهي گل شير شهيد جي خدمتن کي سل??م پيش ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي جي د??ا ڪئي. هن شهيد جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي د??ا ڪئي.